سرگوڌا – 03 – آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ وانگر سرگوڌا ۾ به ڪشمير استحصال ڏهاڙو سڀاڻي 5 آگسٽ تي ملهايو ويندو، ان ڏس ۾ انتظامن ۽ پروگرامن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي ??اءِ جائزه اجلاس ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر هيڊڪوارٽر ارشد احمد وٽو جي صدارت ۾ سندس آفيس ۾ ٿيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 5 آگسٽ جمعته المبارڪ ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي شروعات سمورين سرڪاري آفيسن ۾ صبح 9 وڳي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪرڻ سان ٿيندي، ڪشميرين تي ٿيندڙ ڀارتي ظلم ۽ ڏ??ڍ جي ??ذمت ڪرڻ ۽ ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد جي حمايت جي ??اءِ صبح 10 وڳي آرٽس ڪائونسل ڪمپليڪس ۾ سيمينار منعقد ڪيو ويندو جنهن جا شرڪت ڪندڙ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌ??دا. سيمينار کانپوءِ شرڪت ڪندڙ ڊي پي او چوڪ تائين ڪشميرين سان يڪجهي جي اظهار لاءِ هڪ وڏي ريلي پڻ ڪڍ??دا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڊائريڪٽر ڪاليجز گورنمينٽ پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج چاندني چوڪ ۽ گورنمينٽ انبالا مسلم ڪاليج ۾ پڻ ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان مذمتي پروگرام منعقد ڪيا وي??دا. اهڙي طرح تعليمي ادارن ۾ به شاگردن کي ڀارتي ظلم ۽ ڏ??ڍ جي حوالي سان آگاهي جي ??اءِ خصوصي پروگرامز منعقد ڪيا وي??دا. اجلاس ۾ سمو??ن لاڳاپيل کاتن کي ان ڏس ۾ ذميواريون ڏنيون ويون.