انقره – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ترڪيءَ جي صدر رجب طيب اردوان ٻنهي ڀائرن ملڪن جي وچ ۾ بهترين ٻطرفن لاڳاپن کي مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي نئين بلندين تائين پهچائڻ جي لاءِ پنهنجي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ لاڳاپا گڏي?? تاريخ ۽ مقصدن تي ٻڌل آهن ۽ اهي لاڳاپا نسل در نسل جاري رهندا، پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ ويجهي دوستي ۽ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو، سيپٽمبر ۾ اسلام آباد ۾ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيندو جڏهن ته پاڪستان ترڪ صدر جي سيپٽمبر ۾ دوري جو به منتظر رهندو، جنهن سان ٻنهي م??ڪن کي پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو موقعو ملندو. اهڙن خيالن جو ??ظه??ر هنن ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ت?? هن سال ٻئي م??ڪ پنهنجي سفارتي لاڳاپن جي 75 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن. وزيراعظم صدر اردوان سان ملاقات کي انتهائي لاڀائتي قرار ڏيندي ان اميد جو ??ظه??ر ڪيو ت?? ترڪ صدر جي فعال قيادت ۾ ٻطرفا لاڳاپا نئين بلندين تائين پهچندا. ترڪيءَ جي صدر رجب طيب اردوان چيو ت?? ملاقات دوران هنن علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ٻطرفن لاڳاپن جي دائري کي وڌائڻ جي عزم جو به ??ظه??ر ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف والهاڻي استقبال ۽ پرخلوص مهمان نوازي تي ترڪ صدر جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ت?? ترڪيءَ اچڻ اسان جي لاءِ پنهنجي ٻئي گهر اچڻ برابر آهي. آئون پاڻ سميت پاڪستان جي عوام پاران ترڪيءَ ۾ پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام کڻي آيو آهيان. هن چيو ت?? پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ لاڳاپا گڏيل ثقافتي، مذهبي ۽ روحاني ورثي سان ڳنڍيل آهن، جيڪي وقت جي حدن، جاگرافيائي ۽ سياست کان مٿانهان آهن. اسان انهن رشتن کي هڪ مقدس امانت وانگر ڏسون ٿا، جيڪي اسان جي وڏن اسان کي ڏنا آهن ۽ جن کي اسان کي پنهنجي ايندڙ نسلن ڏانهن منتقل ڪرڻو آهي. وزيراعظم چيو ت?? هن سال اسان ٻئي م??ڪ پنهنجي سفارتي لاڳاپن جي 75 هين سالگرهه شاندار طريقي سان ملهائي رهيا آهيون. منهنجي پياري ڀاءُ صدر رجب طيب اردوان جي بصيرت افروز قيادت ۾ اسان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وينداسين. هن چيو ت?? اسان جا ملڪ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جي اجلاسن ۾ جامع ڳالهه ٻولهه ۾ مصروف آهن، جيڪي اسان جي گڏيل مفادن تي ٻڌل آهن. مون کي اهو اعلان ڪندي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي ته صدر اردوان ايندڙ اعليٰ سطحي اجلاس سيپٽمبر ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي، آئون سندس ٿورائتو آهيان، جنهن اسان کي م??زباني جو موقعو فراهم ڪيو آهي، اسان انهن انتهائي نتيجاخيز ملاقاتن جا منتظر آهيون. هن چيو ت?? اهو به طئي ٿيو آهي ته جون ۾ هڪ مضبوط واپاري وفد پاڪستان جو دورو ڪندو. اسان جي ٽيم اتي م??اقاتن جي لاءِ مناسب تياري ڪندي ته جيئن ٺوس ۽ نتيجاخيز قدم کڻي سگهون. هن چيو ت?? اي ڪامرس، ٽوئرازم، تعليم ۽ انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ جهڙا تمام گهڻا شعبا آهن جن ۾ ترڪيءَ وڏي ترقي ڪئي آهي، پن بجلي جي پيداوار ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ اسان ترڪيءَ مان سيڙپڪاري جي صورت ۾ تعاون حاصل ڪرڻ تي تمام گهڻي خوشي محسوس ڪنداسين. اسان جا ترڪ ڀائر سيڙپڪاري سان منافعو ڪمائيندا ۽ اسان کي سستي بجلي م??ندي جيڪا وڏي سوڀ هوندي. هن ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ دفاعي صنعت جي شعبي ۾ تعاون جي امڪانن کي به اجاگر ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ت?? پاڪستان ۽ ترڪيءَ فطري حصيدار آهن، اسان جا موقعا به هڪ جهڙا آهن ۽ چئلينج به هڪ جهڙا آهن، اسان جي قوم سدائين مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل هوندي آهي. پاڪستان جي عوامي بنيادي دلچسپي جي مسئلن خاص طور تي ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي م??قف جي حمايت تي صدر رجب طيب اردوان کي ساراهيون ٿا. ڪشمير تڪرار تي ترڪيءَ جي اڻٿڪ حمايت سان بهادر ڪشميري عوام کي وڏو حوصلو ملي ٿو، جيڪي 7 ڏهاڪن کان مسلسل ڏاڍ جو شڪار آهن. هن چيو ت?? مون صدر رجب طيب اردوان کي ڀارتي غيرقانوني قدمن کان علائقائي امن ۽ استحڪام کي لاڳو خطرن بابت آگاهي ڏني آهي. پاڪستان امن جي پنهنجي جستجو کي ختم نه ڪندو پر اسان ان ڳالهه تي يقين رکون ٿا ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن رڳو ان صورت ۾ حاصل ٿي سگهي ٿو جڏهن والاريل ڪشمير ۾ پراڻي تڪرار کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب حل ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ت?? پاڪستان سدائين پنهنجي ترڪ قبرصي ڀائرن جي م??صد جي ڀرپور حمايت ڪئي آهي ۽ اسان انهن جي جائز حقن ۽ امنگن جي حمايت جاري رکنداسين. هن چيو ت?? پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ترڪيءَ سان گڏ بيٺل آهي. ترڪيءَ جا دشمن پاڪستان جا دشمن آهن. هن چيو ت?? اسان جي حصيداري سدائين جي ڀلائي جي طاقت آهي ۽ اسان هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي گڏيل مقصد کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. اسان جا ٻئي م??ڪ دنيا ۾ پناهگيرن جي سڀ کان وڏي آبادي جي م??زباني ڪن ٿا ۽ اهو اسان پنهنجي محدود وسيلن سان ڪري رهيا آهيون. هن چيو ت?? اسان سيپٽمبر ۾ صدر رجب طيب اردوان جي پاڪستان جي دوري جا منتظر آهيون، ان سان اسان جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو موقعو ملندو. جڏهن ته ترڪيءَ جي صدر رجب طيب اردوان چيو ت?? پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ انتهائي ويجها لاڳاپا آهن، ٻنهي م??ڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ت?? عوام جي خوشحالي جي لاءِ پاڪستان سان اقتصادي تعاون ترجيح آهي، ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ مواصلات، تعليم، ماحوليات ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ ويجهو تعاون آهي. پاڪستان کي بحري جهازن جي تياري ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪري رهيا آهيون. ترڪ صدر چيو ت?? دهشتگردي خلاف پاڪستان جي سڀني ڪوششن جي حمايت ڪريون ٿا. عالمي فورمن تي پاڪستان جي ڀرپور حمايت تي سندس ٿورائتا آهيون. مختلف عالمي فورمن تي اهم عالمي ۽ علائقائي معاملن تي پاڪستان ۽ ترڪيءَ هڪ جهڙو موقف رکن ٿا. هن چيو ت?? اسان ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي جائز امنگن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جي حل جي حمايت ڪريون ٿا. هن چيو ت?? پرامن ۽ خوشحال افغانستان خطي جي م??اد ۾ آهي. انساني همدردي جي بنياد تي افغان عوام کي ڀرپور امداد فراهم ڪئي وئي. ترڪ صدر چيو ت?? اسان جي ڳالهه ٻولهه لاڀائتي ثابت ٿي آهي، مون شهباز شريف ۽ سندس وفد جو ترڪيءَ جو دورو ڪرڻ تي ٿورو مڃيو آهي ۽ پاڪستانين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو آهي. جڏهن ته ان کان اڳ ۾ ٻنهي اڳواڻن گڏيل مفادن جي مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ مختلف معاهدن ۽ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي.