اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قوم کي چيو آهي ??ه هو 27 مارچ تي اهو پيغام ڏيڻ نڪري ته هو برائي سان گڏ نه آهي، ته جيئن مستقبل ۾ ڪنهن جي جرئت نه ٿي سگهي ??ه هو هارس ٽريڊنگ ڪري جمهوريت ۽ قوم کي نقصان پهچائي، ملڪ ۾ 30 سالن کان لُٽ مار ڪندڙ ڌاڙيلن جو ٽولو گڏجي کلي عام پارليامينٽرين جا ضمير خريد ڪري رهيو آهي. جاري ڪيل قوم جي نالي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته امربالمعروف و نهي ??ن المن??ر جو حڪم الله قرار ڏنو آهي، الله تعاليٰ مسلمانن کي حڪم ڏي ٿو ته توهان چڱائي جو ساٿ ڏيو ۽ برائي ۽ بدي جي خل??ف اٿي بيهڻو آهي، ان سان معاشرو زنده ٿئي ٿو. هن چيو ته ملڪ ۾ ڌاڙيلن جو ٽولو جيڪو 30 سالن کان لُٽي رهيو آهي، ڪرپشن ڪري پئسو ٻاهر موڪلي رهيو آهي هاڻي انهن گڏجي پارليامينٽرين جي ضمير جون قيمتون لڳايون آهن، انهن کي کلي عام خريد ڪري رهيا آهن، وزيراعظم چيو ته آئون اهو چاهيان ٿو ته سڄي قوم 27 مارچ تي مون سان گڏ صرف هڪ پيغام ڏيڻ لاءِ نڪري ته اسان بدي سان گڏ نه آهيون پر اسان بدي جي خل??ف آهيون، اسان هن ملڪ جي جمهوريت ۽ قوم جي خل??ف ٿيندڙ ان ڏوهه جي خل??ف آهيون، وزيراعظم چيو ته اهي ماڻهو چوري جي پئسي مان عوامي نمائندن جا ضمير خريد ڪري رهيا آهن، قوم ان جي خل??ف بيٺل آهي، وزيراعظم چيو ته آئون چاهيان ٿو ته قوم 27 مارچ تي مون سان گڏ نڪري ۽ سڄي پاڪستان کي خبر هجڻ گهرجي ته اڳتي ڪنهن جي جرئت نه ٿيڻ گهرجي ته اهڙي طرح جي هارس ٽريڊنگ ڪري ملڪ جي جمهوريت ۽ قوم کي نقصان پهچائي.