اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ميڊيا ۽ عالم سڳورن تي زور ڏنو آهي ته هو خانداني منصوبابندي تي عوام جي رهنمائي ڪن ڇو ته جامع ۽ مسلسل آگاهي نه رڳو ماءُ ۽ ٻار جي صحت پر قومي ترقي لا??ِ به اڻٽر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن دي چئلينج انيشي ايٽو پاڪستان جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ميڊيا کي گهرجي ته هو پنهنجي ڊرامن، مارننگ شوز ۾ ماڻهن کي ان موضوع کان آگاهه ڪرڻ جي لا??ِ خاندان بابت بار بار پيغامن جي فراهمي کي يقيني بڻائي، اهڙي طرح عالم سڳورن کي صحت بابت پيغام پهچائڻ جي لا??ِ منبر جو استعمال ڪرڻ گهرجي جهڙوڪ انهن ڪورونا دوران ڪيو هو. هن چيو ته پاڪستان جهڙي قدامت پسند معاشري ۾ اها به حڪومت جي ذميداري آهي ته هو ليڊي هيلٿ ورڪرز ۽ احساس پروگرام جي دستياب ذريعن جي ذريعي حمل ??ند ڪرڻ جي دوائن ??ائ??ن آسان پهچ کي يقيني بڻائي. هن چيو ته احساس پروگرام جي ذريعي حڪومت تقريبن هڪ ڪروڙ 70 لک خاندانن سان رابطي ۾ آهي جنهن کي ڪيترن موضوعن تي پيغام پهچائڻ جي لا??ِ به استعمال ڪري سگهجي ٿو. صدر چيو ته حڪومت تمام گهڻي آبادي ۾ اضافي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ لا??ِ ٺوس قدم کڻي رهي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته احساس ڪيش امداد ۽ ڪاروباري قرضن جهڙن حڪومت جي جاري قدمن جي نتيجي ۾ عورتن کي بااختيار بڻايو ويندو جيڪي بعد ۾ خانداني منصوبابندي تي پنهنجي حمايتي آو??ز کي وڌائي سگهنديون. هن چيو ته غذائيت جي کوٽ، تازن ڄاول ٻارن جي موت، ويم دوران موت جي شرح ۽ ٻارن ۾ غذائي کوٽ جا معاشري تي منفي اثر پوندا آهن جنهن کي منهن ڏيڻ لا??ِ حڪومت عورتن کي مراعتون فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت جديد حمل ??وڪ دوائن ??ائ??ن پهچ کي يقيني بڻائي ته پاڪستان ۾ ساليانو 90 لک بنا مرضي جي حمل ??ا انگ اکر هڪ سال جي اندر اڌ رهجي سگهن ٿا. صدر عالم سڳورن جي خانداني منصوبابندي جي مخالفت ڪرڻ جي تصور کي به رد ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته مصر، بنگلاديش، انڊونيشيا ۽ ايران سميت ٻين مسلمان ملڪن ۾ ان مسئلي کي ڪاميابي سان حل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته انٽرا يوٽرين ڊيوائيسز جي مقامي سطح تي پيڪجنگ جلد شروع ٿيڻ جي اميد آهي جنهن سان فرق پوندو. ملڪ انجڪشن ايبل هارمونز متعارف ڪرائڻ جي طرف وڌي سگهي ٿو. صدر علوي بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جو پوليو جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي مدد ڪرڻ سان گڏوگڏ خانداني منصوبابندي جي معاملي تي تعاون فراهم ڪرڻ تي به ٿورو ادا ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم جي صحت بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو ته وڏي آبادي ملڪ جو اثاثو بڻجي سگهي ٿي جيڪڏهن اها بهترين طريقي سان تعليم يافته ۽ بهترين ذهني ۽ جسماني صحت سان مالا مال هجي. هن چيو ته حڪومت عورتن کي بااخيتار بڻائڻ ۽ نوجوانن کي هنرمندي جي تربيت ڏيڻ جي لا??ِ قدم کڻي رهي آهي ته جيئن هو دنيا ۾ چٽاڀيٽي قوت بڻجي سگهن. هن چيو ته 2030ع جي خانداني منصوبابندي جي هدفن تحت حڪومت حمل ??وڪ دوائون استعمال ڪرڻ وارين عورتن جي تناسب کي موجوده 35 سيڪڙو کان وڌائي 60 سيڪڙو ڪرڻ جو هدف رکيو آهي، هن چيو ته ٽي سي آءِ پروگرام جي ڪامياب انعقاد لا??ِ ضلعي حڪومت سان تعاون تي ڌيان ڏنو آهي، هن حڪومت پاران ڪورونا کي منهن ڏيڻ لا??ِ 10 لک روپين جي هيلٿ انشورنس سهولت جي آغاز جو ذڪر ڪيو، هن چيو ته ملڪ ۾ هڪ سال دوران پوليو جو هڪ به ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو ۽ ايس??ائ??ن جو ماحولياتي نمونا وٺڻ سان به ٻن مهينن دوران ڪو ڪيس سامهون ناهي آيو، ٽي سي آءِ جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر گلوبل ڪوجو اوو ڪولوڪو چيو ته ٽي سي آءِ پاڪستان جو آغاز توليدي صحت جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لا??ِ حڪومت جي عزم کي ظاهر ڪري ٿو. هن چيو ته ٽي سي آءِ هڪ عالمي پليٽ فارم آهي جنهن صوبائي حڪومتن کي شهري علائقن ۾ خانداني منصوبابندي جي اثرن کي وڌائڻ ۾ مدد فراهم ڪئي جيڪا دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ڪامياب ثابت ٿي آهي. تقريبن 110 ملين جي آبادي تي ٻڌل 11 ملڪن جي تقريبن 112 شهرن ۾ پنهنجي موجودگي سان، ٽي سي آءِ جي قيادت بل اينڊ ميلنڊا گيٽس انسٽيٽيوٽ فار پاپوليشن اينڊ ري پروڊڪيٽو هيلٿ ڪئي آهي، جيڪا جانز هاپڪنز بلومبرگ اسڪول آف پبلڪ هيلٿ آمريڪا ۾ واقع آهي. تي سي آءِ پنجاب، سنڌ ۽ اسلام آباد جي وڏن شهرن ۾ صوبائي حڪومتن جي مدد سان جديد حمل ??وڪ ۽ خانداني منصوبابندي ??ائ??ن پهچ ۾ مدد ڪندو. گرين اسٽار سوشل مارڪيٽنگ جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر سيد عزيز الرب چيو ته پاڪستان ۾ ساليانو هڪ ڪروڙ حمل مان تقريبن 40 لک بنا خواهش جي هوندا آهن. تقريبن 29 لک عورتن کي حمل ??ي مرحلي مان گذرڻو پيو ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ پيچيدگين مان 10 هزار کان وڌيڪ عورتن جو مو ٿيو. چئلينج انيشي ايٽو هڪ اهڙو پليٽ افرم آهي جيڪو مقامي حڪومتن کي اها طاقت ڏي ٿو ته هو غريب خاندانن کي فائدو پهچائڻ لا??ِ صحت جي بهترين عمل کي تيزي سان ۽ پائيدار طريقي سان اختيار ڪن. اوڀر آفريقا، اولهه آفريقا، انڊيا، نائيجيريا ۽ فلپائن ۾ پنج ٻين مرڪزن کانپوءِ ٽي سي آءِ پاڪستان گرين اسٽار جي ذريعي ڪم ڪندڙ ڇهون مرڪز هوندو.