اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته مخالف ڌر وڏي واڪي هارس ٽريڊنگ جو اعتراف ڪري رهي آهي، اليڪشن ڪميشن ان جو نوٽيس وٺي. ملڪي سياسي صورتحال بابت هڪ بيان ۾ هن چيو آهي ته پيپلزپارٽي جمهوريت جي علمبردار بڻجي جمهوريت کي نقصان پهچائي رهي آهي، مخالف ڌر جو نه هڪ جهنڊو، نه هڪ نظريو ۽ نه ئي هڪ ايجنڊا آهي، مخالف ڌر جو هڪ نقاطي ايجنڊا صرف وزيراعظم عمران خان کي هٽائڻ آهي. هن چ??و ته جيترو نقصان جمهوريت کي اڄ ٿي رهيو آهي تاريخ ۾ ڪڏهن ناهي ٿيو، منهنجي نظر ۾ چوڌري ڀائر دانشمند آهن، اهي مناسب وقت تي، درست فيصلو ڪندا، اڃان ڏسڻو آهي ته بي اعتماد جو اُٺ ڪهڙي طر?? ويهي ٿو، پرڏيهي وزير چ??و ته پاڪستان هن وقت غير يقيني صورتحال جي سٽ س??ي نٿو سگهي، ايم ڪيو ايم وارا اسان جا اتحادي آهن، پرڏيهي وزير چ??و ته موجوده پيپلزپارٽي ۾ اها سوچ ناهي جيڪا ڀٽو دور ۾ هوندي هئي، پيپلزپارٽي تي هاڻي زرداري جا ڇاپ لڳي چڪي آهي، پيپلزپارٽي ۾ زرداري جي سوچ ۽ طور طريقو نظر اچي رهيو آهي. شاهه محمود قريشي چ??و ته انهن ميمبرن کي ڊيڄاري نٿو سگهجي اهي فيصلن ۾ آزاد آهن، اندروني ۽ ٻاهرين سازشن جو قانون جي دائري ۾ رهي مقابلو ڪنداسين. پارٽي گڏجي فيصلو ڪندي ته صورتحال تي ڇا ڪرڻو آهي، هن چ??و ته ايترن ذميدارن ماڻهن جي غير ذميداراڻي گفتگو تي تعجب آهي، هن چ??و ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو اجلاس آهي، اهي پاڪستان اچي رهيا آهن، هن چ??و ته عمران خان تي دٻاءُ وجهڻ ۾ اهي ماڻهو ناڪام ٿيندا، عمران خان مقابلو ڪرڻ ڄاهي ٿو ۽ اسان ڪري ڏيکارينداسين. شاهه محمود قريشي چ??و ته ميمبرز نمبر گيم تي قياس آرايون آهن، ڪنهن ميمبر جو جائز مسئلو آهي ته ان تي ضرور ڳالهه ڪنداسين، شاهه محمود قريشي چ??و ته پارٽي کان منهن موڙيندڙ ميمبرن بابت اعتزاز احسن جو موقف وزن رکي ٿو، ميمبرن جون ٻوليون لڳائڻ، ٽڪيٽن جا واعدا ڪرڻ غير مناسب آهي، ماضي ۾ ٽڪيٽن جي واعدن کانپوءِ به منهن موڙيو ويو.