اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخواهه حڪومت ??ي انٽرنيشنل ٽيڪنيڪل اسٽينڊرڊ ڪميٽي پاران پشاور بي آر ٽي کي گولڊ اسٽينڊرڊ بي آر ٽي سروس جو درجو ڏيڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته بي آر ٽي ??ي انٽرنيشنل ٽيڪنيڪل اسٽينڊرڊ ڪميٽي پاران پشاور بي آر ٽي کي گولڊ اسٽينڊرڊ بي آر ٽي سروس جو درجو ڏيندي 100 مان 97 نمبرز ڏنا ويا آهن جنهن جو مطلب آهي ته اها سروس اٽڪل هر لحاظ ک??ن عالمي ??عيارن سان هم آهنگ آهي. هن چيو ته پشاور بي آر ٽي شهر ۾ عوامي چرپر جي نظام ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو آهي، آگسٽ 2020ع ۾ ان ج?? شروعات کا?? هيستائين 71 ملين کا?? وڌيڪ ماڻهو ان مان فائدو کڻي چڪا آهن. روزاني جي بنياد تي اڍائي لک کا?? وڌيڪ شهري ان تي سفر ڪن ٿا جن مان 20 سيڪڙو عورتن کا??سواءِ 60 سيڪڙو جو تعلق گهٽ آمدني واري طبقي سان آهي.