اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) عالمي اسلامي يونيورسٽي جي خطيب ڊاڪٽر ضياءُ الرحمان ايوان صدر جي جامع مسجد ۾ سماجي طبقن ۽ اسلامي معاشري جي موضوع تي جمعي جي خطبي ۾ چيو ته اسلام انسان کي رنگ ۽ نسل بدران الله ۽ ان جي بندن جي حقن جي ادائيگي جي بنياد تي عزت ۽ احترام جو رتبو ڏيندو آهي،
ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو ??ڌو سنئون نشر ڪيو ويو، صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي ۽ ايوان صدر جي عملدارن جمعي جي نماز ادا ڪئي، ڊاڪٽر ضياءُ الرحمان پنهنجي خطبي ۾ چيو ته الله تعاليٰ نظام ۾ توازن پيد?? ڪرڻ ۽ انسانن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ انهن جي ضرورتن کي هڪٻئي سان ڳنڍيو آهي، جيتوڻيڪ صاحب حيثيت طبقي تي لازمي آهي ته هو حاصل نعمتن ۾ ٻين کي به شامل ڪن، غريبن، مسڪين??، يتيمن ۽ مستحقن جو انهن تي حق آهي، هن چيو ته الله تعاليٰ ۽ انهن جي بندن جا حق اد?? ڪرڻ، ڪمزورن تي احسان ڪرڻ اعليٰ صفتون آهن ۽ ان جو وڏو اج?? آهي، ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي، واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو ??ڌو سنئون نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.