اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ پيشيوراڻي ۽ هنر تي ٻڌل تعليم کي فروغ ڏيڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن جيڪي نوجوانن کي روزگار فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪ کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۾ مددگار ٿابت ٿيندا. اعليٰ تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪندي صدر چيو ته ??ڪومت تعليمي ترقي تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ مستحق شاگردن کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ لاءِ 50 هزار وظيفن جو اعلان ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اطهار هن پروفيشنل ايجوڪيشن فائونڊيشن جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن چيئرمين حفيظ الحق جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد سان ڳالهايئندي صدر چيو ته ??صوصي شاگردن کي پنهنجي تعليم جاري رکڻ ۽ کين مالي طور تي بااختيار بڻائڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي حوصلا افزائي ڪرڻ اسان جي اهم ترجيح آهي، هن وڌيڪ چيو ته ??صوصي ماڻهن جي مدد ۽ حوصلا افزائي لاءِ هائير ايجوڪيشن ڪميشن هڪ پاليسي ٺاهي رهي آهي جنهن ۾ معذور شاگردن کي ٽيوشن ۽ هاسٽل فيس کان آجو قرار ڏنو ويو آهي. صدر تعليم جي ورچوئل جزو کي وڌائڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو ۽ چيو ته ??ها گهٽ لاڳت ۽ آسان پهچ وارو طريقو آهي. ان وقعي تي پروفيشنل ايجوڪيشن فائونڊيشن جي چيئرمين صدر کي پيشيوراڻي تعليم جي فروغ ۾ فائونڊيسن جي ڪردار جي باري ۾ آگاهه ڪيو، هن ٻڌايو ته پي ايف ايف انهن هوشيار شاگردن کي وظيفا ۽ بنا وياج جي قرضن جي آڇ ڪئي جنهن ميرٽ تي پروفيشنل ڪاليجن، يونيورسٽين ۾ داخلا حاصل ڪئي، پر اهي پنهنجي فيس ادا ڪرڻ جي سگهه نه رکندا هئا، هن چيو ته پي ايف ايف جي مالي تعاون سان 1700 شاگردن گريجوئيشن ڪئي آهي، هن وڌيڪ ٻڌايو ته فائونڊيشن 21 -2020ع ۾ 1900 شاگردن جا تعليمي خرچ?? ادا ڪيا جيڪي ميڊيڪل، انجنيئرنگ ۽ ٻين پروفيشنل ڪاليجن/يونيورسٽين ۾ تعليم پرائي رهيا هئا، صدر پروفيشنل ايجوڪيشن فائونڊيشن جي ڪوششن ۽ سهڪار کي ساراهيو جيڪا مستحق شاگردن جي تعليم جاري رکڻ ۾ مدد ڪري هڪ شاندار ڪم ڪري رهي آهي.