اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ پوري عزم ۽ اتحاد سان پنهنجي ??شم??ري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل آهي، وقت اچي ويو آهي ته د??يا ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين جو نوٽيس وٺي. ??شم??ر سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي سيريز آف ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ??شم??ر ۾ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم جو اهتمام عالمي برادري جي ذميواري آهي. گڏيل قومن تي لازمي آهي ته والاريل ڄمون ۽ ??شم??ر جي ماڻهن جي خراب حالت ۽ ڀارتي رياست جي ظالماڻي عسڪري قبضي کان آزادي ۽ ڇوٽڪاري جي انهن جي ناقابل اعتراض ۽ انڪار خواهش کي نظرانداز نه ڪري. وزيراعظم چيو ته وقت اچي ويو آهي ته د??يا ڀارت جي قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين، جن ۾ نسل ڪشي سميت انسانيت جي خلاف ڏوهن ۽ آبادي جي تناسب ۾ تبديلي سميت جنگي ڏوهه شامل آهن ۽ جنيوا ڪنيونشن جي واضح خلاف ورزي آهي جو نوٽيس وٺي. وزيراعظم چيو ته خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ پاڪستان پوري عزم ۽ اتحاد سان پنهنجي ??شم??ري ڀينرن ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي. مودي جي ڏاڍ ۽ تشدد تي ٻڌل فسطائي پاليسيون به والاريل ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ ??شم??رين جي مزاحمت جو روح ڪچلڻ ۾ ناڪام رهيون آهن.