اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ??اهور پريس ڪلب جي ڪائونسل ميمبر ۽ سينيئر ڪرائم رپورٽر حسنين شاهه جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آه?? ته حڪومت مقتول صحافي جي وارثن ۽ صحافي برادري سان گڏ بيٺل ??هي?? ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ برابر جا شريڪ آه??ون. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته صحافي حسنين شاهه جو خون رائيگان نه ويندو، قتل ۾ ملوث ڏوهارين کي ڪيفر ڪردار تائين ??هچايو ويندو. هن چيو ته مقتول حسنين شاهه جي پونئيرن کي هر صورت ?? انصاف فراهم ڪيو ويندو.