اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ٽيلي ويزن ڪارپوريشن جي 5 رڪني وفد پارليامينٽ هائوس جو د??رو ڪيو. پارليامينٽ هائوس اچڻ تي سينيٽ عملدارن وفد جي آجيان ڪئي. وفد کي سينيٽ ميوزيم جو د??رو ڪرايو ويو ۽ سينيٽ جي ڪم جي طريقيڪار، قانونسازي ۽ پارلياماني معاملن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وفد سينيٽ ميوزيم ۾ ملڪ جي مشهور سياستدانن جي مجسمن ۽ تاريخي تصويرن ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. وفد کي وفاقي يونٽس جي وچ ۾ قومي هم آهنگي جي فروغ لاءِ سينيٽ جي ڪردار کا?? آگاهه ڪيو ويو. وفد استقبال تي سينيٽ عملدارن جو ٿ??رو ادا ڪيو.