لاهور – 31 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار کي عوام جي جان ۽ مال ۽ مفادن جي تحفظ جي لاءِ شرپسندن، ذخيرو ڪندڙن ۽ قبضا مافيا جي خلاف م??ثر قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ??يان موجب اها هدايت وزيراعظم پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار سان ڳالهائيندي ڏني جنهن هتي ساڻس م??اق??ت ڪئي. م??اق??ت ۾ سول انتظاميه ۽ امن امان بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ پنجاب جي چيف سيڪريٽري ڪامر??ن علي افضل ۽ آءِ جي پنجاب رائو سردار علي خان به شريڪ ٿيا. وزيراعظم صوبي ۾ عام ماڻهو کي فوري ۽ آسان طريقي سان خدمتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. هن عوام جي جان ۽ مال ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ شرپسندن، ذخيرو ڪندڙن ۽ قبضي مافيا جي خلاف م??ثر قدم کڻڻ جي به هدايت ڪئي.