لاهور – 23 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان لاهور ۾ گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي ۾ صوفي ازم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ??ي فروغ لاءِ ابوالحسن الشاذلي ريسرچ سينٽر جو افتتاح ڪيو ۽ 14 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ سينٽر جي ??مارت جو پيڙهه جو پٿر رکيو جتي صوفي ازم جي ??وشني ۾ عملي زندگي کي بهتر طريقي سا?? گذارڻ تي تحقيق ڪئي ويندي. ان موقعي تي پنجاب جو گورنر چوڌري محمد سرور، پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، وزيراعظم جو خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، عثمان ڊار، پنجاب حڪومت جو ترجمان حسان خاور، گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي جو وائيس چانسلر پروفيس ڊاڪٽر اصغر زيدي به موجود هئا. وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته صوفي، اوليا اڪرام ۽ عاشقان رسول ﷺ جي ??عليمات اسان جي لاءِ مشعل راهه آهن، نوجوانن کي بهتر زندگي گذارڻ لاءِ انهن جي نقش قدم تي هلڻو پوندو، ابوالحسن الشاذلي ريسرچ سينٽر ??وجوانن جي ??ندگين ۾ انقلاب آڻيندو. گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي جو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اصغر زيدي وزيراعظم کي ريسرچ سينٽر بابت بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته 14 ڪروڙ جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ سينٽر ۾ صوفي ازم جي ??وشني ۾ عملي زندگي کي بهتر طريقي سا?? گذارڻ تي تحقيق ڪئي ويندي. اداري جي مقصدن ۾ معاشري جي ??صلاح، گڏيل برداشت، احترام، صوفي ازم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تحقيق کي وڌائڻ، مقامي ۽ عالمي محققين کي هڪ پليٽ فارم فراهم ڪرڻ ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ان شعبي ۾ تحقيق لاءِ تعليمي وظيفا فراهم ڪرڻ آهي. ان کانسواءِ سينٽر ??وجوده شعبن جهڙوڪ تاريخ، اسلامي تعليمات، پوليٽيڪل سائنس، ادب وغيره ۾ صوفي ازم جي ??والي سان تحق??ق ۽ تدريس کي به فروغ ڏيندو. سينٽر ۾ صوفي ازم تي بي ايس ۽ ايم فل جي ??طح جي ڪورسن جي ??عليم ڏني پئي وڃي. ان کانسواءِ سينٽر ??وسٽ ڊاڪٽرل ۽ ريسرچ فيلوشپ به ڏيندو وڌيڪ اهو ته سينٽر ??ي ايڇ ڊي لاءِ وظيفا به فراهم ڪندو جنهن جي ڪري صوفي ازم جي ??عبي تي تحقيق ٿيندي.