اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ سياسي رابطا وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي، ازبڪستان پاڪستان ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي سان واپاري ۽ معاشي تعاون تيز ڪرڻو پو??دو، پاڪستان ٽرانس افغان ريلوي منصوبي جو حامي آهي، جلد مڪمل ڪرڻ جي لاءِ تعاون فراهم ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار صد?? ڊاڪٽر عارف علوي اشڪ آباد ۾ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزييويو سان ملاقات دوران ڪيو. ٻنهي ملڪن جي صدرن ملاقا?? ۾ ??طرفي تعاون، واپار ۽ معاشي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ علائقائي ۽ عالمي فورمن تي تعاون وڌائڻ ۽ ٻطرفا لاڳاپا مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. صد?? ڊاڪٽر عارف علوي ازبڪستان جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني.