اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاه?? محمود قريشي چي?? آهي ته پاڪستان، ايران سان پنهنجي ڀائراڻي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، عالمي برادري افغان شهرين کي درپيش معاشي ۽ انساني بحران مان ڪڍڻ لاءِ ٺوس قدم کڻي، پاڪستان، افغانستان جي واپاري ۽ سرحدي چرپر ۾ سهولتن جي فراهمي جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن تهران ۾ ايراني هم منصب ڊاڪٽر حسين امير عبداللهيان سان ملاقات دوران چئي. افغانستان جي لاءِ خصوصي نمائندو ايمبيسڊر محمد صادق ۽ ايران م مقرر پاڪستاني سفير رحيم حيات قريشي پن پرڏيهي وزير سان گڏ هئا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات دوران ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. شاه?? محمود قريشي چي?? ته پاڪستان، ايران سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو ۽ انهن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي وزير شاه?? محمود قريشي ايران جي اعليٰ قيادت پاران ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي اصولي موقف جي مسلسل تائيد ۽ حمايت تي ايراني پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا ۽ چي?? ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانسدتان سمورن پاڙيسري ملڪن جي لاءِ هڪ جهڙي اهميت رکي ٿو. 21 آڪٽوبر تي ڪيڪل پنهنجي ڪابل جي دوري جو حوالو ڏيندي پرڏيهي وزير عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها افغان شهرين کي درپيش معاشي ۽ انساني بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ ٺوس قدم کڻي. هن چي?? ته پاڪستان افغانستان لي پاواري ۽ سرحدي چرپر ۾ سهولتن جي فراهمي جاري رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ايراني پرڏيهي وزير پاڪستان پاران شروع ڪيل علائقائي هڪمت عملي جي جوڙجڪ جي قدمن کي ساراهيندي ايران جي ميزباني ۾ منعقد افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي ٻئي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت تي پرڏيهي وزير مخدوم شاه?? محمود قريشي جا ٿورا مڃيا. ايراني پرڏيهي وزير ڊاڪٽر حسين امير عبداللهيان پرڏيهي وزير مخدوم شاه?? محمود قريشي ۽ سندس وفد جي مان ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو.