اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ ووٽنگ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ٿي رهيو آهي، ٽيڪنالاجي جي استعمال جو مقصد چونڊ عمل کي شفاف بڻائڻ ۽ انساني عمل دخل کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ آهي، ??لي??ٽرانڪ ووٽنگ مشين (اي وي ايم) جي استعمال سان ووٽ رد ٿيڻ جو امڪان به ختم ٿي ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ چائنه فرينڊشپ سينٽر ۾ ??لي??ٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال بابت عملي مظاهري جي ??شاهدي جي ??وقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. مملڪتي وزير چيو ته گذريل عام چونڊن ??ور??ن 15 لک ووٽ رد ٿيا جنهن جي ڪري بيلٽ پيپر جي غلط فولڊنگ يا پرزائيڊنگ آفيسرن جي صحيحن جي عدم موجودگي هئي هن چيو ته ان ??لي??ٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال سان ووٽ رد ٿيڻ جو ڪو به امڪان نه رهندو، هن چيو ته اسان پاڪستان ۾ اي وي ايم متعارف ڪرائڻ چاهيون ٿا ته جيئن چونڊ عمل ۾ ڌانڌلي جي عنصر ??ي ختم ڪري سگهجي. هن چيو ته هن وقت 20 کان وڌيڪ ملڪن ۾ ??لي??ٽرانڪ ووٽنگ مشينون استعمال ڪري رهيا آهن، هر ملڪ جو پنهنجو ڌار ڌار ماڊل آهي، چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري اسلام آباد ۽ ڪاروباري برادري جي ??مائندن جي سوال جو جواب ڏيندي مملڪتي وزير چيو ته چونڊن ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ووٽرز جو اعتماد وڌندو، اسان چاهيون ٿا ته عام چونڊن ۾ اي وي ايم جي استعمال کان اڳ واپاري تنظيمن، بار ايسوسيئيشنز، پريس ڪلبز ۽ ٻي فيڊريشنز پنهنجي چونڊن ۾ ان ووٽنگ مشين کي استعمال ڪن. آزمائشي طور تي استعمال سان ماڻهن جو اعتماد بحال ٿيندو. هن چيو ته ووٽرز ايجوڪيشن ۽ ٽريننگ ??لي??شن ڪميشن جي ذميدارين ۾ شامل آهي ته جيئن پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل ووٽرز کي بيلٽ پيپرز جي استعمال سان آگاهي ڏئي سگهجي. هن چيو ته هن وقت ملڪ ۾ 18 ڪروڙ سمون آهن ۽ 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو فور جي ??يڪنالاجي استعمال ڪندا آهن جنهن سان ماڻهن ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال بابت پهرين کان آگاهي موجود آهي، هن چيو ته ميرو ٽيڪنالاجي جي اها اپ گريٽڊ مشين گهٽ کان گهٽ وقت ۾ ووٽ وجهڻ جي عمل کي مڪمل ڪندي آهي جڏهن ته ان مشين سان سافٽ ۽ هارڊ ٻنهي طريقن سان نتيجا حاصل ٿي سگهن ٿا، جنهن سان چونڊ ڌانڌلي جو ڪو به جواز موجود نٿو رهي. ان کان اڳ ميرو مشين جي ??يڪنيڪي ٽيم طرفان ??لي??ٽرانڪ ووٽنگ مشين جو عملي مظاهرو پيش ڪيو ويو ۽ مملڪتي وزير ۽ چيمبر آف ڪامرس جي ??فد کي مشين جي استعمال جي طريقيڪار ۽ شفافيت جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. ڪمپني پاران ٻڌايو ويو ته هي ??لي??ٽرانڪ ووٽنگ مشين بجلي جي تار ۽ انٽرنيٽ ڪنيڪشن جي 14 ڪلاڪ جي ??ائيو بيٽري تي ڪم ڪندي آهي جڏهن ته هڪ اضافي بيٽري سان ان جي ??ائمنگ 28 ڪلاڪ ٿي ويندي آهي، برسات ۽ موسمياتي اثرن ۾ به اها مشين فعال رهندي آهي، ووٽنگ جو وقت مڪمل ٿيڻ تي بند ڪرڻ کانپوءِ ان کي ٻيهر نٿو کولي سگهجي، صرف 10 سيڪنڊن ۾ بيلٽ پيپرز کي اسڪن ڪرڻ کانپوءِ پرنٽ جي شڪل ۾ ووٽر جي ??اپس ملندو آهي جيڪو سڀني جي سامهون بيلٽ باڪس ۾ وجهي ووٽ ڪاسٽ ٿي ويندو آهي، هن چيو ته ووٽنگ لاءِ جيڪو بيلٽ پيپر تيار ڪيو ويو آهي ان تي سيڪيورٽي ڪوڊ درج ڪيو ويو آهي جنهن کي ڪنهن ٻي مشين ۾ استعمال نٿو ڪري سگهجي ۽ نه ئي هڪ پولنگ اسٽيشن ۾ استعمال ٿيندڙ مشين کي ان عمل جي ??ور??ن ٻي ڪنهن پولنگ اسٽيشن تي استعمال ڪري سگهجي ??و، ووٽنگ جي عمل ۾ ووٽر جي شناخت کي به ڳجهو رکيو ويو آهي ۽ ??لي??شن ڪميشن جي خواهش تي ان مشين کي مينوئل ۽ پاڻمرادو ٻنهي طريقن سان استعمال جو اختيار موجود آهي، فائونڊر گروپ جي جنرل سيڪريٽري ظفر بختاوري ۽ ٻين واپاري نمائندن ان ووٽنگ مشين ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته جمهوري عمل کي شفاف بڻائيندي ان ووٽنگ مشين کي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري پنهنجي ايندڙ ??لي??شن ۾ استعمال ڪندي، هن اي وي ايم جي ??ختلف عملن بابت ڪمپنين جي ??مائندن کان سوال به پڇيا.