اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان جاپان سان پنهنج?? ٻطرفي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهي ٿو ڇو ته مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ جا تمام گهڻا امڪان موجود آهن، پاڪستان ڪاروبار جا زبردست موقعا پيش ڪيا آهن ۽ جاپاني ڪمپنيون معيش?? جي مختلف شعبن خاص طور تي زراعت، آٽوموبائيل، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٽيڪسٽائيل، ايس ايم ايز ۽ توانائي جي شعبن ۾ ڪاروباري دوستاڻي ماحول مان فائدو کڻي سگهن ٿيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ جاپان جي عهدو ڇڏيندڙ سفير ڪونينوري مستودا سان ڳا??ها??يندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن ۽ ٻنهي ملڪن کي گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن مهارت ۽ انساني وسيلن جي ترقي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن جاپان حڪوم?? جي جي ڊي ايس اسڪالرشپ پروگرام ۾ پاڪستان کي شامل ڪرڻ جي فيصلي جي آجيان ڪئي جنهن تحت پاڪستان جي 20 شاگردن کي جاپاني يونيورسٽين ۾ گريجوئيٽ ڪورسز ۾ حصو وٺڻ جا موقعا فراهم ڪيا ويندا. صدر آڪٽوبر 2019ع ۾ پنهنجي جاپان جي دور جو حوالوڏيندي چيو ته هن جاپان جي قيادت سان نتيجا ڏيندڙ ڳالهه ٻولهه ڪئي، هن جاپان جي عالمي تعاون ايجنسي (JICA) ۽ جاپاني ڪمپنين جي ڪردار کي به ساراهيو جنهن پاڪستان ۾ ترقي ۾ ڪردار ادا ڪيو، جاپاني سفير صدر کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان ماهيگيري ۽ زرعي مصنوعات جو وڏو روانگي واپار ڪندڙن ۾ شامل آهي، جنهن ۾ چانور، کجور، تر، انب، گوار، سيانتا ۽ لُوڻ شامل آهن، هن ٻڌايو ته ٽوياٽا آٽوموبايل ڪمپني پاڪستان ۾ جديد ترين هائبرڊ ڪارن جي تياري لاءِ 100 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندي، ان کانسواءِ آٽوپارٽس بڻائڻ جي لاءِ ??مپنين جي مدد ڪندي، هن وڌيڪ چيو ته جاپان اوساڪا 2025ع ايڪسپو منعقد ڪندي ۽ ايڪسپو ۾ پاڪستان جي شرڪ?? جي درخواست ڪئي آهي، هن چيو ته سال 2022ع پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 70 هين سالگرهه م??ها??يندي، اميد آهي ته ٻئي ملڪ مناسب طريقي سان سالگرهه م??ها??يندا، صدر سفير کي پاڪستان ۾ پنهنجو مدو پورو ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪ جاپان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ڪوششن کي ساراهيو.