ملتان – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سمورن ادارن سان مثالي لاڳاپا آهن، حڪومت ??ان ٻاهر ويٺل ماڻهن جي لاءِ رڳو صبر جي دعا ڪري سگهان ٿا، حڪومت ختم ٿيڻ جي ا??وزيشن جي خواهش پوري نه ٿي سگهندي، لولي لنگڙي ا??وزيشن ??ان حڪومت کي ڪو خطرو نه آهي، آئيني مدو پورو ڪنداسين، اڳيون وارو وري اسان جو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي چونڊ تڪ اين اي 156 ۾ مختلف جاين تي تقريبن کي خطاب ڪندي ڪيو. شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته ڪورونا جي عالمي وبا پوري دنيا جي معيشت کي متاثر ڪيو آهي ۽ انهي جي ڪري عالمي منڊي ۾ تيل جون قيمتون وڌڻ سان اسان کي به پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو ڪرڻو پيو پر پوءِ به حڪومت جي پوري ڪوشش آهي ته عوام تي گهٽ ??ان گهٽ بار وڌو وڃي. مهانگائي موجوده حڪومت جي لاءِ وڏو چئلينج آهي، مهانگائي جا سبب ان جا اندروني ۽ ٻاهريان عمل ۽ انهن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملي طئي ڪئي پئي وڃي ۽ اسان جي ا??تصادي ٽيم ان تي هوم ورڪ ڪري رهي آهي جنهن جا انشاءَ الله مثبت نتيجا سامهون ايندا. معاشري جي محروم طبقي کي وڌ ??ان وڌ ريليف ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ ٺوس قدم کنيا پيا وڃن. جنهن جا مثبت نتيجا سامهون ايندا. هن چيو ته خطي ۾ ۽ خاص طور تي ا??غانستان ۾ امن جي خواهش رکون ٿا. پاڪستان هڪ پرامن ۽ مستحڪ?? افغانستانجا جو خواهشمند آهي. امن جو قيام خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ لازمي آهي. خطي ۾ امن قائم ٿيڻ سان تعمير ۽ ترقي حاصل ڪرڻ ممڪن ٿي سگهندي، اسان خطي ۾ امن جي لاءِ وڏي قرباني ڏني آهي. اسان جي خواهش آهي ته افغانستان ۾ معاشي صورتحال نه بگڙي. ڪجهه قوتون افغانستان جون حالتون خراب ڪرڻ چاهين ٿيون. اسان چاهيون ٿا ته اهي ا??ن مخالف قوتون جيڪي ا??غانستان جي خراب صورتحال مان فائدو کڻڻ چاهيون ٿا انهن کي موقعو نه ملي سگهي. اسان عالمي برادري کي به اهڙين قوتن بابت آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي مصالحتي ڪوششون جاري رکندو.