اسلام آباد _ 09 جنوري (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (ا?? آئي سي) جو سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحهٰ (اڄ) جمعي تي اسلام آباد ۾ ڪامسٽيڪ سيڪريٽريٽ جو دورو ڪندو. هو پاڪستان سميت مختلف ا?? آئي سي ملڪن لاءِ منصوبن جو اعلان ۽ ا?? آئي سي جي ميمبر ملڪن جي سفيرن ۽ ٻين شرڪت ڪندڙن کي پڻ خطاب ڪندو. تقريب ۾ سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ تعليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، پرڏيهي سيڪريٽري، سفير، وائيس چانسلرز ۽ ٻيا عملدا?? شرڪت ڪندا.