اسلام آباد – 06 ?? جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري برٽش جونيئر اوپن اسڪوائش چيمپيئن شپ کٽڻ تي سهيل عدنان کي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پ??را?? جاري بيان موجب صدر 18 سالن کانپوءِ اسڪوائش جونيئر چيمپيئن شپ کٽڻ تي سهيل عدنان کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته هن اسڪوائش جي ميدان ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي. صدر چيو ته سهيل عدنان جي مستقبل ۾ به ڪاميابي جي لا??ِ دعاڳو آهيان.