اسلام آباد-25 ڊسمبر (اي پي پي)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان وي??يڪن سٽي جي سفير آرچ ب??پ گرمانو پينموٽ ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گهرو وزير، سفير کي ڪرسمس جي مبارڪ ڏيندي پوپ فرانسس ۽ مس??حي برادريءَ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هتي جاري ڪيل هينڊ آئوٽ مطابق ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ۽ ٻه طرفن لاڳاپن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ٿي ۽ گهرو وزير، سفير آرچ بشپ کي ڪرسمس جي مبارڪ ڏيندي پوپ فرانسس ۽ مس??حي برادريءَ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته وي??يڪن سٽي ۾ پوپ فرانسس سان ملاقات انته??ئي خوشگوار ماحول ۾ ٿي. پوپ فرانسس جي سماجي ۽ معاشي انصاف ۽ انسانيت لاءِ خدمتون تحسين جوڳيون آهن. سندس جي دنيا ۾ امن لاءِ ڪوششن کي ساراهيو ٿا. گهرو وزير چيو ته وي??يڪن سٽي جي دؤري ۽ پوپ فرانسس سان ملاقات جون شاندار يادون اڄ به تازيون آهن. هن چيو ته فلسطين جي مسئلي جي حوالي سان پوپ فرانسس جرئتمنداڻو مؤقف اختيار ڪيو جنهن جي هرهڪ ساراهه ڪئي.