اسلام آباد- 25 ڊسمبر (اي پي پي) او پي ايف گرلز ڪاليج ايف-8 (بوائز سيڪشن) ۾ ٻارن جي شخصيت، اقدار ۽ ڪردار س??زي??َ کي اجاگر ڪرڻ، استادن ۽ مائرن جي قربانين کي خراجِ تحسين پيش ڪرڻ لاءِ هڪ خاص تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ?? اسڪول جي ٻارن جي مائرن کي خاص طور تي مدعو ڪيو ويو هو جنهن جو مقصد ٻارن کي نصابي سرگرمين سان گڏوگڏ غير نصابي سرگرمين ۾ اخلاقي قدرن ذريعي شخصيت ۽ ڪردار سازي اجاگر ڪرڻ سميت ان ?? استادن ۽ ماءُ جي محبت ۽ قربانين جو احساس ڏيارڻ هو. تقريب کي خطاب ڪندي اسڪول جي پرنسپل بشريٰ بشير چيو ته اسڪول ۾ ٻارن جي تعليم ۽ تربيت سميت شخصيت ۽ ڪردار س??زي?? معاشرتي ۽ س??اج?? قدرن سان روشناس ڪرائڻ تي ڀرپور توجهه ڏني ويندي آ??ي ته جيئن هو مستقبل ۾ پنهنجي پيشيوراڻي ذميوارين کي نڀائڻ سان گڏوگڏ معاشري جو هڪ ذميدار شهري ثابت ٿين. ان موقعي تي سيڪشن انچارج ڊاڪٽر عروسه سهيل جو چوڻ هو ته اڄ جي جديد دؤر ۾ ٻار پنهنجي ثقافت ۽ اخلاقي قدرن کان پري ٿي رهيا آهن. استادن جي عزت ۽ احترام جيڪو ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ خالي نظر اچي ٿو، ماءُ ۽ ٻار ۾ فاصلا وڌي رهيا آهن، ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آ??ي ته ٻارن کي سندن س??اج?? ۽ معاشرتي قدرن سان سڃاڻپ ڪرائي وڃي ته جيئن ه?? پنهنجي استادن ۽ والدين خاص ڪري پنهنجي ماءُ جي محنت، پُرخلوص جذبي ۽ قربانيءَ کي نه صرف سمجهن پر انهن جو دل سان قدر به ڪن. تقريب جي بهترين منعقد ٿيڻ تي پرنسپل بشريٰ بشير، وائيس پرنپسل طاهره ياسمين، ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر عروسه سهيل ۽ ٻين استادن کي مبارڪ ڏيندي ان عزم جو اظهار ڪيو ته سندس اسڪول ٻارن جي تعليم ۽ تربيت، شخصيت ۽ ڪردارسازي ۾ پنهنجون اعليٰ پيشيوراڻي روايتون برقرار رکندو. تقريب ۾ ٻارن، استادن ۽ ماءُ جي ڪردار کي خراجِ تحسين پيش ڪرڻ لاءِ مختلف ٽيبلوز ۽ خاڪا پيش ڪيا ويا، جن کي شرڪت ڪندڙن ساراهيو. تقريب جي آخر ۾ شاگردن جي مائرن کي اسٽيج تي گُهرائي گلدستا پيش ڪيا ويا.