اسلام آباد- 15 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي س??نئر اڳواڻ، هائوس بلڊنگ فنانس ڪارپوريشن ۽ اويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين صديق الفاروق جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي مرحوم جي بلند درجن لاءِ دعا ڪئي ۽ سندس ڪٽنب سان تعزيت جو اظهار به ڪيو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان آچر ڏينهن جاري تعزيتي بيان ۾ وزيراعظم چيو ته مرحوم صديق الفاروق جي پاڪستان مسلم ليگ(ن) لاءِ خدمتن کي ??مي??ه ياد رک??و ويندو، سندس لاڏاڻي سان پارٽي هڪ مخلص ۽ ناليواري س??استدان کان محروم ٿي وئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطافرمائي.