اسلام آباد – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري عمران احمد صديقي گڏيل قومن جي 10هين الائنس آف سولائزيشنز (يو اين اي ا?? سي) گلوبل فورم ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب يو اين اي ا?? سي جي اعليٰ سطحي گروپ آف فرينڊز جي وزارتي ??يٽنگ ۽ مذهبي جاين جي حف??ظت تي عالمي ڪانفرنس ڪاسڪيس پرتگال ۾ منعقد ٿي. ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪ??دڙ وفد ۾ پرتگال ۾ پاڪستان جو سفير خالد اعجاز پڻ شامل هو. عمران احمد صديقي ان موقعي تي اسلامو ??وب??ا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ مسجدن تي ڄاڻي واڻي حملن، جيڪي اڪثر ڇوٽ ۽ رياستي اجازت سان ڪيا وڃن ٿا، ۾ خطرناڪ حد تائين اضافي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن يو اين اي ا?? سي تي زور ڏنو ته اها تباهي جي خطري ۾ ورتل مسجدن ۽ ٻين اسلامي مذهبي ۽ ثقافتي ??رثو رک??دڙ جاين جي تحفظ کي ترجيح ڏي.