اسلام آباد -03 ڊسمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي، ته ??اڄرو تيل جي مقامي پيداوار وڌائڻ لاءِ پائليٽ منصوبا ضروري آهن، کاڄرو تيل جي امپورٽ تي ڀاڙڻ کي گهٽائڻ لاءِ اثرائتي پاليسي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. انهن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن پاڪستان بناسپتي مينيوفيڪچررز ايسوسيئيشن جي وفد سان ملاقات ۾ ڪئي. وفاقي وزير وفد کي کاڄرو تيل جي پاليسي لاءِ تجويزون ٻن کان ٽن ڏينهن ان??ر جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. وفاقي وزير وفد کي انڊونيشيا ۽ ملائيشيا سان ڊيوٽي ۾ گهٽتائي لاءِ ڳالهين جي خاطري ڪ??ائي. ڄام ڪمال خان چ??و ته چانور جي بوسي مان تيل ڪڍڻ لاءِ منصوبه به غور هيٺ آهي، کاڄرو تيل جي شعبي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ حڪومت ڀرپور سهڪار ڪندي. هن چ??و ته کاڄرو تيل جي صنعت کي درپيش چئلينجز تي حڪومت ڌيان ڏئي رهي آهي.