اسلام آباد-29 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ پارلياماني رابطن کي هٿي ڏيڻ خوش آئنده آهي، پارلياماني سفارتڪاري ٻطرف?? لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهميت واري آهي. گذريل ڏينهن جاري پريس رليز موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پارلياماني وفد سان گڏ روس جي فيڊريشن ڪائونسل جي اسپيڪر سان ملاقات ڪئي. ويلنٽينا ميٽ ويانڪو اسپيڪر ۽ پارلياماني وفد جي فيڊرل اسيمبلي آف رشين فيڊريشن آمد تي آجيان ڪئي. اسپيڪر روس جي فيڊريشن ڪائونسل جي اسپيڪر ويلنٽينا ميٽ ويانڪو جو شاندار استقبال تي ٿورو مڃيو. ويلنٽينا ميٽ ويانڪو پنهنجي پاڪستان جي دوري دوران والهاڻو استقبال ۽ ميزباني تي پاڪستان جي پارليامينٽ کي خراج تحسين پيش ڪيو. اسپيڪر چيو ته ٻن??ي ملڪن ۾ پارلياماني رابطن کي هٿي ڏيڻ خوش آئنده آهي، پارلياماني سفارتڪاري ٻطرف?? لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهميت واري آهي. ويلنٽينا ميٽ ويانڪو چيو ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ پارلياماني رابطن ۾ اضافي کي روس قدرجي نگاهه سان ڏسي ٿو. اسپيڪر سردار اياز صادق پاڪستان ۾ منعقد پهرين اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ روسي هم منصب جي شرڪت ۽ حمايت کي ساراهي??. ق??مي اسيمبلي جي اسپيڪر پنهنجي روسي هم منصب جي روس جي روس جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت کي مثبت اڳڀرائي قرار ڏنو. اسپيڪر پنهنجي روسي هم منصب جي پاڪستان جو جلد دورو ڪرڻ جي خاطري کي ساراهيو. اسپيڪر ٻن??ي ملڪن وچ ۾ سفارتي، پارلياماني ۽ حڪومتي سطح تي رابطن ۾ اضافي ت?? اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻن??ي ملڪن جي صدرن ۽ وزيراعظمن جون هاڻوڪيون ملاقاتون ۽ اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم اهميت رکندڙ آهن. اسپيڪر سردار اياز صادق ٻن??ي ملڪن جي پارليامينٽ جي ميمبرن وچ ۾ رابطن کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف ٻن??ي ملڪن وچ ۾ معاشي، اقتصادي ۽ ڪاروباري رابطن کي هٿي ڏيڻ جي خواهش رکي ٿو. سردار اياز صادق ويلنٽينا ميٽ ويانڪو جي ٻن??ي ملڪن وچ ۾ پارلياماني،سفارتي ۽ ٻطرفا لاڳاپا وڌائڻ جي عزم کي ساراهيو. اسپيڪر جي روس جي دوري کي ويلنٽيناميٽ ويانڪو ٻن??ي ملڪن وچ ۾ پارلياماني سفارتڪاري کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم سنگ ميل قرار ڏن??. ق??مي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته ٻن??ي ملڪن وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ ڪاروباري رابطا وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. معاشي ۽ واپاري تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ ٻن??ي ملڪن جي واپاري برادري ۾ رابطا انتهائي اهميت وارا آهن. پارلياماني وفد قومي اسيمبلي جي ميمبر راڻا محمد حيات خان، سيد آغا رفيع الله، عبدالقار پٽيل، ڊاڪٽر محمد فاروق ستار ۽ شير علي ارباب تي ٻڌل آهي.