اسلام آباد -26 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ بيلا روس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو وچ ۾ ٻه طرفي مل??قات ٿي. مل??قات ۾ ٻنهي اڳواڻن گڏيل فائديمند سه??ار ۽ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عز?? جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف وزيراعظم هائوس اچڻ تي بيلا روس جي صدر لوڪا شينڪو جي آجيان ڪئي. صدر لوڪا شينڪو پاڪستان ۾ شاندار استقبال ۽ ميزباني تي وزيراعظ?? جو ٿورو مڃيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان بيلا روس سان پنهنجن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، اوهان جو هي دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ سه??ار ۽ شراڪتداري جون نيون راهون کولڻ ۾ انتهائي مددگار ثابت ٿيندو. ٻه طرفي مل??قات ۾ سياسي لاڳاپن، واپار ۽ سيڙپڪاري، دفاعي سه??ار ۽ علائقائي مسئلن سميت مختلف موضوعن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ٻنهي اڳواڻن گذريل ڏهاڪن دوران پاڪستان ۽ بيلا روس جي لاڳاپن جي سمورن رخن ۾ هاڪاري اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. گڏيل فائديمند سه??ار ۽ اقتصادي، واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عز?? جو ورجاءُ به ڪيو. وزيراعظم بيلا روس جي صدر کي پاڪستان حڪومت جي ايڪسپو??ٽ تي ٻڌل اوسر ۽ دوست ملڪن سان سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ذريعي پاڪستان جي اقتصادي بحالي جي پاليسي بابت به آگاهه ڪيو. ٻنهي اڳواڻن عالمي ۽ علائقائي اڳڀرائي تي به ڳالهيون ڪيون.