اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شه??از شريف جي دعوت تي جمهوريه بيلاروس جو صدر اليگزينڊر لوڪا شينڪو 25 کان 27 نومبر تائين پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب بيلاروس جو صدر لوڪا شينڪو وزير??عظ?? محمد شه??از شريف سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندو ۽ ٻطرفي تعاون جي شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. دوري دوران ڪيترن ئي معاهدن ?? مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون پڻ ڪيون وينديون. ترجمان پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته بيلاروس جي صدر جو دورو پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ مضبوط ۽ وڌندڙ حصيداري جي عڪاسي ڪري ٿو.