اسلام آباد- 19 نو??بر (اي پي پي) نيشنل هاءِ ويز اينڊ موٽر وي پوليس هڪ ٻئي خراب جهاز کي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ کا?? سول ايويشن ٽريننگ انسٽيٽيوٽ حيدرآباد منتقل ڪرڻ جي حوالي سان اين او سي جاري ڪري ڇڏيو. خراب جهاز بردار ٽريلر (اڄ) 4 وڳي ڪراچي کا?? حيدرآباد سڌيءَ ريت نيشنل هاءِ وي تان روانو ٿيندو. پاڪستان ايئر پورٽ اٿارٽي موجب خراب جهاز کي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ کا?? سول ايويشن ٽريننگ انسٽيٽيوٽ حيدرآباد منتقل ڪيو ويندو، 40 ٽن وزني ايم ڊي 83 جهاز 20 نو??بر تي ڪراچيءَ کا?? حيدرآباد منتقل ڪيو ويندو. ان حوالي سان نيشنل هاءِ وي اينڊ موٽر وي پويلس اين او سي جاري ڪري ڇڏيو آهي. خراب جهاز کي کڻي ويندڙ ٽريلر نيشنل هاءِ وي کا?? ٿيندو اسٽيل ٽائون، بن قاسم ٽائون، گهارو، ٺٽو، حيدرآباد – بدين روڊ ۽ سرمست روڊ کا?? ٿيندو حيدرآباد ۾ سول ايوي ايشن ٽريننگ انسٽيٽيوٽ تان پهچندو. هي ايم ڊي-83 جهاز جنهن جي ڊيگهه 150 فوٽ ۽ ان ۾ 172 مسافرن جي ويهڻ جي گنجائش آهي، جيڪو 2011ع کا?? غير فعال آهي. اهو جهاز پهرين اي ايم سي ايئر لائنز جي ٻيڙي جو حصو هو. ذڪر جوڳي ڳالهه آهي ته سعودي عرب جي شهر تبوڪ کا?? ڪوئيٽه ويندڙ چارٽرز اُڏام دوران ڪراچي ايئرپورٽ تي هنگامي لينڊنگ ۾ ملوث هو. ايمرجنسي لينڊنگ فرنٽ/نوز لينڊنگ گيئر جي غير مقرريءَ سبب ٿي، مشڪل حالتن باوجود حادثي دوران جهاز ۾ سوار سمورا 74 مسافر محفوظ رهيا. هوائي جهاز کي تربيتي مقصدن لاءِ سي اي ٽي آءِ حيدرآباد منتقل ڪيو پيو وڃي جتي اهو هوابازي جي تربيت جي معيار کي وڌائڻ لاءِ هڪ عملي وسيلي طور تي ڪم ڪندو.