اسلام آباد- 01 نومبر (اي پي پي ) گهرو معاملن واري وفاقي وزير م??سن نقوي مستونگ ۾ سول اسپتال چؤڪ ويجهو ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته معصوم ٻارن کي نشانو بڻائي بربريت جو مظاهرو ڪيو ويو. معصوم ٻارن جي حياتين سان کيڏندڙ وحشي ڪ??هن قسم جي رعايت جا حق??ار ناهن. گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ گه??و وزير م??سن نقوي معصوم ٻارڙن ۽ پوليس اهلڪار جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. م??سن نقوي شهيدن جي ڪ??نبن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. سندس چوڻ هو ته معصوم ٻارن کي نشانو بڻائڻ جي واقعي جي جيتري به مذمت ڪجي گهٽ آهي. حڪومت شهيدن جي ڪ??نبن سان گڏ آهي. وفاقي گه??و وزير زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.