اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان جي نامياري س??جن ۽ ايس آءِ يو ٽي جي يورالوجي ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين س??جن ڊاڪٽر مرلي ڌر چڪن گونيا جي وڌندڙ مرض کي هاڃيڪار قرار ڏيندي چيو آهي ته اهو مرض مڇرن جي چڪ وسيلي پکڙجي ٿو ۽ ان سان ڪيترائي ماڻهوءَ س??ڌن جي دائمي سُور ۾ وٺجي وڃن ٿا. اي پي پي سان ڳالهائيندي ناليواري س??جن ڊاڪٽر مرلي ڌر چيو ته چڪن گونيا جو بخار وائرس جي ڪري ٿئي ٿو ۽ اهو وائرس مڇر جي چڪ سان جسم ۾ پهچي ٿو، چڪ جي ٽن کان ستن ڏينھن تائين بخار، بدن ۾ سُور، س??ڌن ۾ سور ۽ گوڏن ۽ چيلھ ۾ سور ٿئي ٿو پر ڪجھ ماڻھن کي مھيني تائين بُخار هلندو آهي ۽ هِن بُخار ۾ س??ڌن جي سور جي ڪري ڪجھ ماڻهن جا گوڏا بيھجي وڃن ٿا ۽ ڪجهه ماڻهن کي گوڏن جو سُور دائمي رهجي وڃي ٿو. هِن چيو ته چڪن گونيا جي بُخار لاءِ پيراسيٽامول گوري سان گڏ پاڻي جو واھپو وڌايو وڃي، بُخار وڌي وڃي ته ڊاڪٽر کي ڏيکاريو وڃي، ڊاڪٽر ??ُر??ي چيو ته اهو هڪ وائرل بخار آھي ۽ ان ۾ اينٽي بائٽڪ جي ضرورت نه پوندي آهي، چڪن گونيا کان بچاءُ جي حوالي سان ڊاڪٽر ??ُر??ي ڌر چيو ته ماڻهن کي مڇرن کان بچ?? گهُرجي ڇو جو هِن وقت هر مرض مڇرن جي وسيلي پکڙي رهيو آهي، ماڻهن کيي صفائي جو خيال رکڻو پوندو، پاڻي جا ٿانءُ ڍڪي رکيا وڃن، ڪپڙا پورا پائ?? گهُ??جن ۽ مڇرن کان بچڻ لاءِ اسپري ڪيو وڃي ۽ مهاري جو استعمال ڪيو وڃي.