اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي)واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته پاڪستان حڪومت فارما صنعت ملڪ?? معيشت ۽ صحت جي نظام ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، حڪومت فارما صنعت جي ترقي ۽ استحڪام لاءِ مڪمل حمايت فراهم ڪرڻ ??اءِ پُرعزم آه??، فارما سيڪٽر جي مسئلن کي حل ڪرڻ ??اءِ حڪومت اثرائتيون پاليسيون بڻائي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه فارما سمٽ ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته حڪومت ۽ نجي شعبي جو گڏيل سهڪار فارما انڊسٽري کي عالمي سطح تي مسابقتي بڻائڻ لاءِ ضروري آهي. هن چيو ته پاڪستان جي فارماسيوٽيڪل جو روانگي واپار گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 13 سيڪڙو وڌيو آهي. ڄام ڪمال خان چيو ته پاڪستان جي فارما انڊسٽري عالمي سطح تي اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. ڊجيٽل فارما تبديلي وقت جي اهم ضرورت آهي، جنهن سان صنعت کي جديد بنائڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته حڪومت فارماسيوٽيڪل انڊسٽريءَ جي ترقي لاءِ عالمي سطح تي ??رو??وشن ۽ بهترين تعاون فراهم ڪندي، موجوده حڪومت مڪمل طور تي مسئلن کي حل ڪرڻ ??اءِ پُرعزم آهي، حڪومت وٽ بحالي جا جامع منصوبا موجود آهن. هن چيو ته اعتماد هڪ وڏو چئلينج آهي ۽ حڪومت ان کي ٺوس قدم سان حل ڪرڻ ??اءِ ڪم ڪري رهي آهي، واپار واري وزارت سيڪٽرول ڪونسلز ذريعي پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته 16 ڪونسلز کي ٻيهر فعال ڪري ٺوس تجويزون ۽ منصوبا آڻڻ وارا منصوبا آهن، اهي تجويزون نيشنل ايڪسپورٽ ڊولپمينٽ بورڊ کي پيش ڪيون وينديون، جيڪو وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ ڪم ڪندو، انهن ڪونسلز کي پنهنجا سيڪريٽ هوندا ۽ اهم قدمن ۽ رهنما اصولن جو تعين ڪيو ويندو.