اسلام آباد -07 سيپٽمبر (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف مهمند ضلع ۾ خارجي دهشتگردن پاران فرنٽيئر ڪور هيڊ ڪوارٽرز تي حملي جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ تي پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي خر??ج تحسين پيش ڪندي چيو آهي، ته پاڪ فوج جي جوانن بهادري ۽ پيشيوراڻي مهارت سان ڪيمپ تي حملو ڪندڙ 4 آپگهاتي خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان ??اري بيان ۾ وزيراعظم چيو ??ه مون سميت س??ي قوم پاڪ فوج جي بهادر آفيسرن ۽ جوانن کي خر??ج تحسين پيش ڪري ٿي. دهشتگردي جي لعنت کان ملڪ کي مڪمل طور پاڪ ڪرڻ تائين ان ??لاف جنگ جاري رکنداسين. پاڪ فوج جا آفيسر ۽ جوان فتنه ال??وارج جي دهشتگردن کان پاڪستان ??ي ڌرتي کي پاڪ ڪرڻ لاءِ مصروف آهن. دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوري قوم پاڪستان ??ي هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل آهي.