اسلام آباد -28 آگسٽ (اي پي پي) سي پيڪ پاڪستان ۽ چين جي ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل ويجهن ۽ مضبوط لاڳاپن جو مظهر آهي، موجوده حڪومت جي ڪوششن سان سي پيڪ هاڻي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي، جنهن ۾ صنعتي ۽ زرعي سهڪار، گوادر جي ت??قي، سماجي ۽ اقتصادي ت??قي تي فوڪس ڪيو ويندو، جنهن جا ڏور رس هاڪاري نتيجا حاصل ٿيندا ۽ معاشي ترقي جي راهه هموار ٿيندي. رٿابندي واري وزارت جي اختيارين مطابق گذريل 10 سالن دوران 200000 سڌي ۽ اڻ سڌي ريت ن??ڪريون پيدا ڪندڙ 30 کان وڌيڪ من??وبا مڪمل ٿي چڪا آهن ۽ وڌيڪ ترقي جي مختلف مرحلن ۾ آهن، جيڪي جٽادار اقتصادي ت??قي لاءِ هڪ آواز جوڙي رهيا آهن. ان کان علاوه 6000 ميگاواٽ کان وڌيڪ بجلي قومي گرڊ ۾ آندي وئي آهي، 809 ڪلوميٽر هاءِ وي ٺاهيا ويا آهن ۽ پاڪستان جي ت??ريخ ۾ پهريون ڀيرو 886 ڪلوميٽر ٽرانسميشن لائينون وڇايون ويون آهن. 10 سال اڳ پنهنجي قائم ٿيڻ بعد سي پيڪ پاڪستان جي بنيادي ڍانچي جي من??رنامي کي ت??ديل ڪري ڇڏيو آهي. آڪٽوبر 2022ع تائين 6370 ميگاواٽ کان وڌيڪ جي مجموعي صلاحيت جا 11 من??وبا مڪمل ٿي چڪا آهن. سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ نه رڳو ان من??وبي جي دائره ڪار پر ان جي رفتار کي به ??يز ڪيو ويندو. حڪومت ان من??وبي کي ڀرپور انداز ۾ اڳيان وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي. گڏيل سهڪار کي وڌيڪ اڳيان وڌائڻ لاءِ رٿابندي ت??قي ۽ سڌارن واري وزارت ڏينهن رات مصروف آهي، جنهن جو ڪم مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ ۽ مستقبل ۾ سي پيڪ جي من??وبن تي عمل کي يقيني بڻايو ويندو.