اسلام آباد-09 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير م??سن نقوي سان سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، پاڪ سعوديه لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي گهرو وزير سعودي ويندڙ پينو فقيرن خلاف ڀرپور ڪارروائي جي خاطري ڪرائي. هن ٻڌايو ته ايف آءِ اي کي پينو فقيرن کي سعودي عرب موڪلڻ ۾ ملوث مافيا ??لاف به سڄي ملڪ ۾ ڪريڪ ڊائون جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. هن چيو ته ??ها مافيا پاڪستان جي سڃاڻپ کي خراب ڪري رهي آهي. سعودي عرب اسان لاءِ بي پناهه ع??يد?? ۽ احترام جو محور آهي، سعودي عرب هميشه ملڪ ۾ پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي. ان موقعي تي سعودي عرب جي سفير جو چوڻ هو ته پاڪستان سان ڀائرن جهڙا لاڳاپا آهن.