اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جيولين ٿرو ارشد نديم کي پيرس اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل کٽڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ارشد نديم پنهنجي ??حنت، لگن ۽ صلاحيت مان ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪستاني رانديگر ڪنهن کان گهٽ نه آهن. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پيرس اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل کٽي ارشد نديم تاريخ لکي ڇڏي آهي، سندس ڪاميابي هر پ??ڪستاني نو??وان جي ??اءِ مشعل راهه آهي جنهن سان نو??وانن کي راندين جي دنيا ۾ اڳتي وڌڻ جي ترغيب ملندي. وفاقي وزير چيو ته ارشد نديم جي ??تح پوري قوم جي ??تح آهي، توهان کي منهنجي ??اران لکين مبارڪون هجن.