اسلام آباد – 31 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان حماس جي سياسي بيورو جي سربراهه اسماعيل هانيه جي ايراني گادي واري شهر تهران ۾ قتل جي مذمت ڪندي خطي ۾ وڌندڙ اسرائيلي مهم جوئي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪي?? آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي آفيس جو چوڻ آهي ته ا??ان کي ايران جي نئين چونڊيل صدر جي حلف برداري واري تقريب جي موقعي تي ٿيندڙ ان غيرذميواراڻي ڪارروائي ??ان وڏو صدمو پهت?? آهي جنهن ۾ پاڪستان جي نائب وزيراعظم سميت ڪيتريون ئي غيرملڪي شخصيتون شريڪ هيون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان اسماعيل هانيه جي گهرڀاتين ۽ فلسطيني عوام ??ان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان عدالت کان مٿانهين ۽ ٻين ملڪن جي سرزمين تي قتل سميت هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو. پاڪستان خطي ۾ وڌندڙ اسرائيلي مهم جوئي کي گهري ڳڻتي جي نظر ??ان ڏسي ٿو. ترجمان وڌيڪ چيو ته اسرائيل جون تازه ترين ڪارروايون اڳ کان ئي عدم استحڪام ۾ ور??ل خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ خطرناڪ اضافو ۽ امن جي ڪوششن جي لاءِ نقصانڪار آهن.