اسلام آباد -09 جولاءِ (اي پي پي) اين ڊي ايم اي جي ??يشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر مطابق موجوده سانوڻي برساتن ۾ ايندڙ 12 کان 24 ڪلاڪن ۾ سنڌ جي ??ختلف علائقن ڪشمور، ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽي، عمرڪوٽ، بدين، مٺي، ٿرپارڪر ۾ وقفي وقفي سان گجگوڙ ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي. جنهن سبب شهري ٻوڏ/ ڍنڍن ڍورن ۾ وچولي درجي جي ??وڏ اچي سگهي ٿي. گذريل ڏينهن اين ڊي ايم اي طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو ته انهن امڪاني اثرن کي نظر ۾ رکندي هيٺاهين وارن علائقن جي رهواسين کي امڪاني ٻوڏ واري صورتحال سان منهن ڏيڻ لا??ِ اڳواٽ تيار مڪمل ڪئي وڃي ۽ مقامي اختياريون هدايتن تي عمل ڪن. بيان مطابق عوام فوري الرٽس لا??ِ پاڪ اين ڊي ايم اي ڊيزاسٽر الرٽ موبائيل ايپ ڊائون لوڊ ڪري ?? موسم جي رپورٽ تي گهري نظر ??کي.