اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) ص??ر آصف علي زرداري سان خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر خيبرپختونخواهه جي گورنر جو عهدو سنڀالڻ تي فيصل ڪريم ڪنڊي کي مبارڪباد ڏني. فيصل ڪريم ڪنڊي خيبرپختونخواهه جي گورنر جي عهدي جي لاءِ اعتماد ڪرڻ تي صدر جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي ص??ر آصف علي زرداري خيبرپختونخواهه جي گورنر کي عوامي مفاد جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ص??ر آصف علي زرداري فيصل ڪريم ڪنڊي جي لاءِ پنهنجا فرض بهتر طريقي سان سرانجام ڏيڻ جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پڻ اظهار ڪيو.