بيجنگ – 13 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ڪالهه سومر ڏينهن چين جي دوري جي موقعي تي بيجنگ ۾ گيزوبا گروپ جي چيئرمين سان ملاقات ڪئي. گيزوبا گروپ انرجي چ??ئنا جو ذيلي ادارو آهي جيڪو پاڪستان ۾ بجلي پيدا ڪرڻ جا ڪيترائي منصوبا شروع ڪندڙ چين جي ن??ليواري ڪمپني آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم شانگلا ۾ پيش ايندڙ افسوسناڪ واقعي تي چيئرمين سان تعزيت جو اظهار ڪيو جنهن ۾ 5 چيني شهري ۽ هڪ پاڪستاني شهري مارجي ويا هئا. هن ان ڪڌي حملي جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ۽ پاڪستان ۾ چيني شهرين جي فول پروف سيڪيورٽي جي خاطري جي ل??ءِ پاڪستان جي پختي عزم جو اظهار ڪيو. پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ گيزوبا گروپ جي تعاون جو ذڪر ڪندي ن??ئب وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان کي قابل تجديد ۽ هائيڊل سيڪٽر ۾ پنهنجي بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي جنهن جي ل??ءِ گيزوبا گروپ قائداڻو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته سي پيڪ جي فيز 2 تحت پاڪستان چيني سيڙپڪارن کي ف??اخدلي سان مراعتن جي آڇ ڪئي آهي جنهن کي گيزوبا گروپ پاڪستان ۾ پنهنجي ڪاروباري مقصدن کي وڌائڻ جي ل??ءِ استعمال ڪري سگهي ٿو. گيزوبا گروپ جي چيئرمين پاڪستان ۾ چيني شهرين جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ موثر قدم کڻن تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته ڪمپني پاڪستان ۾ پنهنجي سمورن منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪندي ۽ تعاون جي ن??ين شعبن ۾ آپريشنز کي وڌيڪ سگهه ڏيندي.