اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سعودي عرب ۽ پاڪستان جا ٻطرفا لاڳاپا ۽ معاشي حصيداري وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي، سعودي ولي عهد ??هزاده محمد بن سلمان س??ودي وزيرن کي پاڪستان جي حوالي سان خصوصي هدايتون جاري ڪيون، قيادت جي سطح تي ٿيندڙ ??فاهمت کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ پوري محنت سان ڪم ڪنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب سعودي عرب جي دو??ي جي پڄاڻي تي جاري بيان ۾ وزيراعظم چيو ته سعودي عرب ۽ پاڪستان جا ٻطرفا لاڳاپا ۽ حصيداري وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ سعودي عرب جي ڪاروباري شخصيتن جو وفد پاڪستان اچي رهيو آهي. هن چيو ته سعودي عرب جي ڪاروباري شخصيتن جي وفد سان ٻنهي ملڪن ۾ معاشي حصيداري جي رفتار وڌيڪ تيز ٿيندي، قيادت جي سطح تي ٿيندڙ ??فاهمت کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ پوري محنت سان ڪم ڪنداسين، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي معاشي حصيداري سان ٻنهي ڀائر ملڪن جي لاڳاپن ۾ هڪ نئين دو?? جي شروعات ٿي آهي، ٻن مهينن دو??ان پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ اعليٰ ترين س??ح تي رڪارڊ وفدن جي مٽاسٽا ٿي آهي، سعودي عرب ۾ ٽن ڏينهن جو دو??و تاريخي اهميت رکندڙ آهي جنهن ۾ انتهائي لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته عالمي اقتصادي فورم ۾ عالمي اڳواڻن س??ن ملاقاتون ٿيون جن ۾ گهڻ رخي شعبن ۾ گڏيل تعاون واپار، سيڙپڪاري جي فروغ ۾ مثبت اڳڀرائي ٿي آهي. هن چيو ته ورلڊ اڪنامڪ فورم تي واضح انداز ۾ بيان ڪيو ته دنيا کي پرامن بڻائڻو آهي ته غزه ۾ مستقل امن قائم ڪرڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته شاندار ميزباني ۽ پاڪستان س??ن پرخلوص محبت تي سعودي ولي عهد ??هزاده محمد بن سلمان جا دل سان ٿورا ادا ڪريان ٿو، ولي عهد ??هزاده محمد بن سلمان س??ودي وزيرن کي پاڪستان جي حوالي سان خصوصي هدايتون جاري ڪيون، ان جي لاءِ پڻ تمام گهڻا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته سعودي عرب جي وزيرن کي به خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جن قيادت جي وچ ۾ مفاهمت تي عملدرآمد جي لاءِ ڀرپور تياري ڪئي.