اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان صوبي ۽ خيبرپختونخواهه صوبي ۾ وڏين برساتن سان ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي وڏي افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪندي نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چ??و ته وفاقي حڪومت بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي صو??ائ?? حڪومتن سان گڏ بيٺل آهي ۽ امدادي ڪاررواين ۾ هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. هن هدايت ڪئي ته متاثرين تائين امداد جي ف??اهمي ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي وڃي. وزيراعظم ??رساتن ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي ڪري بند رستا کولڻ جو ڪم تيز ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم ??رساتن جي نتيجي ۾ فوت ٿيندڙن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ انهن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن برساتن جي نتيجي ۾ پيش ايندڙ مختلف حادثن ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.