اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيٽر نثار احمد کهڙو چيو آهي ته ايندڙ حڪومت پن??نجو مدو پورو ڪندي ۽ ع??ام ۽ ملڪ کي درپيش مسئلا ۽ چئلينج حل ڪندي. اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي نثار احمد کهڙو چيو ته 2008ع کانپوءِ ايندڙ سمورين حڪومتن پن??نجو مدو پورو ڪيو آهي ۽ ايندڙ حڪومت به پن??نجو مدو ڪاميابي سان پورو ڪندي. هن سمورين سياسي پارٽين تي زور ڏنو ته اهي ملڪي ترقي ۽ ع??ام جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ پن??نجو مثبت ڪردار ادا ڪن، عوام انهن کي قومي اسيمبلي ۾ چونڊي موڪليو آهي ته جيئن انهن جا مسئلا حل ٿين. چونڊ ۾ ڌانڌلين ۾ الزامن جي حوالي سان هن چيو ته جيڪ?? به الزام هڻي رهيو آهي اهو لاڳاپيل فورم تي ان معاملي کي اٿاري، باقي ثبوتن کانسواءِ الزامن جي ڪا ب?? حيثيت نه آهي. هن چيو ته سڀني چونڊن ۾ مينڊيٽ چوري ۽ ڌانڌلين جا الزام لڳندا رهندا آهن.