بيجنگ -10مارچ (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ پاڪستان ج?? نئين چونڊيل صدر آصف علي زرداري جي نالي تي پنهنجي پيغام ۾ کيس پاڪستان جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪون ڏنيون. چيني ميڊيا موجب پنهنجي پيغام ۾ شي جن پنگ چيو ته چين ۽ پاڪستان سٺا پاڙيسري، سٺا دوست، سٺا شراڪتدار ۽ سٺا ڀائر آه??. ٻنهي ملڪن وچ ۾ لوهي دوستي هڪ تاريخي چونڊ ۽ ٻنهي عوام جي قيمتي دولت آه??. هن چيو ته هاڻوڪن سالن ۾ ٻنهي ملڪن اعليٰ سطحي جي ويجهي مٽاسٽا کي برقرار رکيو آه??. هڪ ٻئي جي بنيادي مفادن ۽ اهم خدشن بابت معاملن تي هڪ ٻئي جي حمايت ڪئي آه??. چين پاڪستان اقتصادي راهداري جي تعمير ۾ ڀرپور نتيجا حاصل ڪيا آه??. ٻه طرفن لاڳاپن ۾ اعليٰ سطح جي ترقي کي برقرار رکيو آه??. شي جن پنگ چيو ته هن وقت دنيا کي وڏيون تبديليون سامهون آه?? ۽ چين پاڪستان لاڳاپن جي اسٽريٽجڪ اهميت وڌيڪ نمايان ٿي وئي آه??. هن چيو ته هو پاڪ چين لاڳاپن جي ترقي کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو. هو چين ۽ پاڪستان وچ ۾ روائتي دوستي کي اڳتي وڌائڻ، مختلف شعبن ۾ عملي تعاون کي هٿي ڏيڻ، چين ۽ پاڪستان وچ ۾ سدابهار اسٽريٽجڪ کي ڪو آپريٽو پارٽنرشپ جي ترقي کي وڌ کان وڌ هٿي ڏيڻ ۽ نئين دور ۾ چين پاڪستان هم نصيب معاشري جي جوڙجڪ کي قي?? ڪندي ٻنهي ملڪن جي عوام کي بهتر فائدا پهچائڻ لاءِ صدر زرداري سان گڏ ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آه??.