پشاور-08 فيبروري (اي پي پي) ٿڌي مو??م باوجود خميس ڏينهن سوات، شانگلا ۽ بونير جي ضلعن ??ي پولنگ اسٽيشنن تي ووٽرن جي هجوم آزداڻي ۽ پرامن ماحول ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيو، مينگوره سٽي، امان ڪوٽ، ڪالام، مالم جبه، بحرين، مدين، خوازه خيله، بونير ضلعي ۾ سواڙي، ڊگر، ايلم ۽ شانگله ۾ بشام، چڪس?? ۽ ??ورن جون پولنگ اسٽيشنون ظهر جي نماز کانپوءِ ماڻهن سان ڀرجي ويون. انهن پهاڙي ضلعن ۾ زندگي جي سمورن شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کانسواءِ نوجوانن ۽ عورت ووٽرن ۾ زبردست جوش ۽ جذبو ڏسڻ ۾ آيو. پولنگ اسٽيشنن ٻاهران پولنگ ۽ قانون لاڳو ڪن??ڙ ادارن جي اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي، پولنگ اسٽيشنن جي اندر اليڪٽرانڪ اوزارن کانسواءِ هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادي جي اجازت نه آهي، ووٽ وجهڻ لاءِ ڪمپيوٽرائيزڊ سڃاڻپ ڪارڊ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.