ا??لا?? آباد – 01 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بل??چ چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام سومر ڏينهن 5 فيبروري تي ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙو ڀرپور جوش ۽ جذب?? سان ملهائيندي. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته ان ڏينهن تي پاڪستاني ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري، ڪشميري عوام سان انهن جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي منصفاڻي جدوجهد ۾ يڪجهتي جو ورجاءُ ڪن ٿا. هن چيو ته ماضي وانگر ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي کي روايتي جوش ۽ جذب?? سان ملهائڻ جي لاءِ هڪ وسيع پروگرام جوڙيو ويو آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي ??لا??تي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.