اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي (پي ٽي اي) جي چيئرمين ميجر جنرل (ر) حفيظ الرحمان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ب??ان موجب ملاقات ۾ پي ٽي اي چيئرمين نگران وزيراعظم کي سالياني رپورٽ 2023ع پي?? ڪئي. پي ٽي اي چيئرمين نگران وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ پي ٽي اي جي آمدني 17 سيڪڙو اصافي کانپوءِ 850 ارب تائين پهچي وئي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ موبا??يل سروسز تائين پهچ 90 سيڪڙو تائين پهچي وئي. هن ٻڌايو ته 2023ع ۾ موبا??يل فون صارفين جو انگ 19.2 ڪروڙ جڏهن ??ه هائي اسپيڊ براڊ بينڊ صارفين جو انگ 13 ڪروڙ تائين پهچي ويو. نگران وزيراعظم پي ٽي اي چيئرمين ۽ سندس ٽيم جي پاڪستان ۾ موبا??يل ۽ انٽرنيٽ سروسز جي پهچ عام ماڻهو تائين يقيني بڻائڻ لاءِ قدمن کي ساراهيو.