اسلام آباد – 16 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ سريلنڪا جي پرڏيهي وزيرن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻطرفي اعليٰ سطح جي دورن ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري سميت وس??ع تر معاملن تي گڏيل مصروفيتن جي ذريعي انه?? لاڳاپن کي ??ڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ??هي. پاڪستان جي نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ سريلنڪا جي پرڏيهي وزير علي صبري جي وچ ۾ يوگنڊا جي شهر ڪمپالا ۾ غيروابسته تحريڪ (نام) جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ٿي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات ۾ نگران پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان سريلنڪا سان پنهنجي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو. هن پاڪستان جي سريلنڪا سان گڏيل خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي عزم تي زور ڏنو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ٻطرفن مضبوط لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن ٻطرفي اعليٰ سطح جي دورن ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري سميت وس??ع تر معاملن تي گڏيل مصروفيتن جي ذريعي انه?? لاڳاپن کي ??ڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو.