اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سڄي ملڪ ج?? اسڪولن ۾ خصوصي ٻارن جي لاءِ جامع تعليم جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي ضر??رت تي زور ڏيندي ??يو آهي ته جسماني صلاحيت، سماجي ۽ اقتصادي پس منظر کان هٽي ڪري سمورن ٻارن کي هڪ جهڙا تعليمي موقعا ڏيڻا پوندا، نج?? اسڪول، فلاحي تنظيمون معذور ٻارن سميت سڀني جي لاءِ تعليم تائين پهچ وڌائڻ ۾ حڪومتن جو ساٿ ڏين. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ ڪراچي جي نج?? اسڪولن ۽ اين جي اوز جي انتظام هيٺ اسڪولن جي نمائندن سان ملاقات ۾ ڪيو. تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي، سنڌ جي تعليم واري نگران وزير مسز رانا حسين، سيڪريٽري ڊپارٽمينٽ آف امپاورمينٽ آف پرسنز ود ڊس ايبلٽيز، سيڪريٽر?? اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ ۽ ڪراچي ۾ اسڪولن جي نمائندن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. صدر اسڪولن جي لاءِ ٺوس ??صا?? جي تياري ۽ لاڳو ڪرڻ جي ضر??رت تي زور ڏيندي ??يو ته جامع ??صا?? ۾ تدريسي طريقن ۽ معذور شاگردن جي ضر??رتن کي نظر ۾ رکڻ گهرجي. هن چيو ته تعليمي ادارن کي ريمپ، لفٽ ۽ ٻين ضر??ري سهولتن جي دستيابي يقيني بڻائڻ گهرجي. هن جامع تعليم تي هڪ بنيادي ??ارٽ تيار ڪرڻ جي ضر??رت تي زور ڏيندي ??يو ته ان ۾ جامع تعليم جي سمورن بنيادي رخن کي شامل ڪرڻ گهرجي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي نجي شعبي ۽ اين جي اوز جي مدد سان پاڪستان ۾ جامع تعليم تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ تي پڻ زور ڏيندي ??يو ته سنڌ اسڪول ايجوڪيشن ۽ خصوصي ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ جا ادارا نج?? اسڪولن ۽ اين جي اوز سان رابطو رکن، نج?? اسڪول جامع تعليم تي پنهنجي ويزن ۽ بهترين تجربن کي سنڌ حڪومت سان شيئر ڪن. صدر چيو ته جامع تعليم تي بنيادي ??ارٽ جي تياري جي لاءِ نج?? اسڪولن کي خصوصي ماڻهن تي موجوده قانوني فريم ورڪ کي نظر ۾ رکڻ گهرجي، نج?? اسڪول پهرين کان اٺين درجي تائين جامع تعليم تي نيشنل بُڪ فائونڊيشن جي ??صا?? جو جائزو وٺن. تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي سڄي ملڪ ۾ اسڪولن جي حالت بهتر بڻائڻ جي ضر??رت تي زور ڏنو. هن پاڪستان ۾ جامع تعليم جي پيغام کي اڳتي وڌائڻ تي صدر ۽ خاتون اول کي ساراهيو. ان کان اڳ صدر کي خصوصي ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ ۽ جامع تعليم تي بريفنگ ڏني وئي.