اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? ڊيره اسماعيل خان ۾ 12 ڊسمبر جي دهشتگرد حملي جي شهيدن جي پونئيرن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ وارثن سان همدرديءَ جو ??ظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? حوالدار ع??ران خان، محمد جميل، محمد شهاب، فضل سبحان، دائود شاهه ۽ رياست خان جي وارثن سان تعزيت جو ??ظهار ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? نائيڪ مختيار ع??ي، لانس نائيڪ محمد اسحاق، محمد حيات ۽ صغير احمد جي گهرڀاتين سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو. هن س??اه?? رحمان شاهه، غلام مرتضيٰ، محمد فياض ۽ امير حسين کي پڻ خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? س??اه?? عدنان، محمد نصير، وقار الله خان، ولي خان، ذوالفقار ۽ نبيل اختر کي ملڪ جي لاءِ شهادت ماڻڻ تي سلام پيش ڪيو. صدر دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪئي، شهيدن جي خاندانن سان همدردي جو ??ظهار ڪيو. هن قوم پاران شهيدن جي خدمتن کي ساراهيو ۽ انهن جي خاندانن جا ٿورا مڃيا. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.